صدر، وزيراعظم يا ڪو به جنرل آئين کان مٿانهون ناهي\حافظ نعيم

ملتان(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ اعليٰ ترين خودمختياري صرف الله جي آهي. آئين کان مٿانهون ڪو به ناهي، 27 هين ترميم سان عدليه اقليت ۽ حڪومت اڪثريت بڻجي وئي آهي. عدليه کي ماتحت ۽ ڪمزور ڪرڻ جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو آهي،اهي ماڻهو اڳ ۾ به عدليه جو احترام نه ڪندا هئا، هاڻي اهي ان جي بي عزتي ڪري ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن. صدر، چيف آف اسٽاف يا ڪو ٻيو وڏو ماڻهو احتساب کان مستثنيٰ ناهي. هي ترميم آئين جي خلاف آهي ۽ ڪنهن به حالت ۾ قابل قبول ناهي.انهن خيالن جو اظهار هن ملتان بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.هن چيو ته  ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي خلاف هڪ نظام هلي رهيو آهي،اسان سڀني کي هڪ قوم جي حيثيت سان جمهوريت کي اڳتي وڌائڻو آهي. پاڪستان ۾ وڪيلن ۽ جماعت اسلامي جون چونڊون وقت تي ٿين ٿيون. جڏهن ته جمهوريت جا گيت ڳائڻ وارا پنهنجي پارٽين ۾ به چونڊون نه ٿا ڪرائين. هن چيو ته هي معاشي نظام امير کي امير ۽ غريب کي غريب بڻائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.