27 ھين آئيني ترميم سنڌ جي ماڻھن لاءِ ارغونن جي قھري جبري قانون کان وڌيڪ ھاڃيڪار ۽ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿيندي جڏھن ته اسان کي ھاڻي 4 مارچ جي تحريڪ کان وڌيڪ سگھاري تحريڪ جي ضرورت آھي ڇو ته ارغونن اسان مٿان حملا ڪيا ۽ اسان جا ماڻھو ضرور شھيد ڪيا اسان مٿان حڪمراني به ڪئي پوءِ به ماڻھو وڙھيا ھيا. ان جو مک سبب اھو ھيو جو اسان جو ماڻھو پنھنجي زمين جو ڌڻي ھيو ۽ روزي به ڪري پيو ته ٻئي طرف ويڙھ ڪندڙن جي مالي مدد ڪري وڙھڻ جا نوان نوان طريقا ايجاد به ڪري ڪٿي لٺ ڪٿي باٺو ڪٿي ڪھاڙي ۽ ڪٿي تلوار تيار ڪري وڙھڻ جا بنياد وڌا انھيءَ جو فائدو وري انگريزن جي مخالفت واري جنگ ۾ پيو جو اسان جي ماڻھن ڇپ خور جي جنگ به ڪئي ۽ ڏڦو ايجاد ڪري ڇپ جنگ جوٽي. ڇپ خوري ڇاکي ٿا چئون اھو رات جي اونداهه جو فائدو وٺي قبضا خورن تي حملو ڪرڻ لوڙھن ۾ بند پيل قيدين کي اتان ڪڍڻ کي ٿا سڏيون. انھن ويڙھن جي ڪري اسان جو ماڻھو پنھنجي ڪمزور ھٿيارن سان به وڙھي پنھنجي جنگ کي فتح تائين پھچائي ويا جڏھن ته نادرشاھ جيڪي وري ڪاھون ڪيون اھي رات جي پيٽ م گھوڙن ۽ ھاٿين جي لشڪر جا حملا ڪيا ان وقت سنڌ جي ماڻھن م ھڪ ڳالھه ھُلي ويئي حملا ور گھوڙا ڙي گھوڙا ڙي اھا ڪا دانھن يا روڄ راڙو نه ھيو پر پنھنجي ماڻھن تائين اطلاع پھچائڻ ھيو ته ھوشيار ٿيو ٿوري ڪاھ ٿي اٿوَ ان جو سبب اھو ھيو جو ان وقت سنڌين جا گھرھڪ ته وڏا ھيا ۽ ايڪڙن تي پکڙيل ھيا وڏي رڙ جي ذريعي سان سجاگ ڪرڻ ھيو
پر اصل حاڪمن جا حملا ور وڏا شاطر ۽ چالاڪ آھن جن پنھنجي حمقت عملي کي وڏي ٽيڪنڪ سان استعمال ڪيو. ھنن ڏٺو ته سنڌين سڀ کان پھرين فاطمه جناح جي جنگ ۾ ان جاساٿي ٿي بيٺا. ايوب خان جاوڏا مخالف ھيا ان وقت کان وٺي ھنن نوٽ ڪرڻ شروع ڪيو سنڌ جي ماڻھن وري شيخ مجيب جو اليڪشن ۾ ساٿ ڏنو ته انھيءَ جي ڪري ھنن ون يونٽ ٿاڦيو پر سنڌ جي شاگردن ان وقت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان 4 مارچ جي تحريڪ شروع ڪري ڏني ان وقت شاگردن جي تحريڪ جا اڳواڻ به مخلص ھئا ۽ ايڏيون تنظيمون به نه ھيون پر جنگ ڪرڻ جا مورچا صرف يونيورسٽيون ھيون. ڪيترائي شاگرد جيلن ۾ بند ٿيا ۽ نيٺ حاڪمن کي فيصلو واپس وٺڻو پيو
اھي سڀ جنگيون حاڪمن جي مفادن مٿان نقصان ڪار ثابت ٿيون ته ھنن حاڪمن فيصلو ڪيو ته ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪري حاڪمن سنڌ مٿان چڙهائي ڪئي ڪيترائي ماڻھو شھيد ڪيا ته ھنن جي خلاف نفرت وڌي ته اسان وٽ وري انھن پنھنجي حڪمت عملي تبديل ڪري سنڌ مٿان ڌاڙيل راڄ قائم ڪرايو ۽ ماڻھن ۾ خوف ڦھلايو ۽ ماڻھن ۾ ايترو خوف ھيو جو ڏينھن جو 12بجي کان پوءِ ماڻھو گھرن کان ئي ٻاھرن نڪرندا ھيا انھن جي نتيجن جي خبر ھاڻي ماڻھن کي پوڻ شروع ٿي آھي ته ڌاڙيل راڄ کي قائم ڪرائڻ م وڏيرن کي استعمال ڪيو اصل ۽ انھن انھيءَ ڌاڙيل والي کي ھن وقت تائين جاري رکيو آھي صرف انھيءَ جي ڪري جيئن ڳوٺ خالي ٿين ۽ انھيءَ جي ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ ان وقت کان پلاننگ ھئي جيڪا به ھاڻي ظاهر ٿي آھي ته سنڌين جي وسيل ۽ زمين تي سڀ رٿابنديون چٽيون ٿي ويون آھن. سنڌين جا قتل به انھن وسيلن جي حاصل ڪرڻ جو سبب ھيون
ھاڻي ھنن 27ويھين آئيني ترميم آڻي ماڻھن کي وڏي آساني سان غلام بڻائي سگهڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. پاڻي واري تحريڪ ھنن کي وڌيڪ لوڏيو ھيو انھيءَ جي ڪري ھاڻي عدالت کي به وڏيرڪي اوطاق واري ڏھاڪي تي پڄائڻ واري سازش به آھي ۽ ھن ۾ نه صدر خلاف ڪو ڪيس داخل ٿي نه سگھي ٿو نه چيف آف آرمي مٿان ڪو ڪيس داخل ٿي سگھي ٿو. اين ايف سي ايواڊ تي ڌاڙو قومن جي وجود کي ختم ڪرڻ انھن جي ڪلچر خلاف به وڏي سازش سان گڏ اسان جون نوڪريون به مڪمل ڌارين جي ھٿ ۾ ھونديون جنھن کي وڻي دھشت گرد قرار ڏئي قتل ڪري ڇڏين ياڌاڙيل قرار ڏئي ماري ڇڏين ڪو به ھنن کان پڇڻ وارو نه ھوندو ته پوءِ اوھان جي جمھوريت جو ھڪ اھڙو جنازو آھي جيڪو نه دفن ٿو ڪري سگھجي نه وري ھندن جي عقيدي مطابق ساڙي ٿو سگھجي
ھاڻي سوال ٿو پئدا ٿئي ته اسان جون قومي تحريڪون يا ترقي پسند تحريڪون ڇا ڪنديون پنھنجو ڪھڙو ڪردار ٿيون ادا ڪن يا ماڻھن کي ڪيئن ٿيون متوجھه ڪن، ڇا پنھنجي زمين بچائيندا گئس ۽ تيل جي آمدني گھري سگھندا ٻيٽن جي مالڪي ڪندا، ڪارونجھر جي ڪٽائي کي روڪي سگھن ٿا يا سيوهڻ جي جبلن مان نڪرندڙ وائيٽ گولڊ ڪوئلي سميت پاڻي حاصل ڪري سگھن ٿا يا غلامي جي زنجيرن کي آمنا صدقنا قبول ڪن ٿي يا ماما يوسف ڄام ساقي رسول بخش پليجي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سائين جي ايم سيد ڪامريڊ غلام رسول سھتي شھيد نذير عباسي وانگر جدوجهد لاءِ تيار رھن ٿا. اھو فيصلو سنڌ جي ليڊرشپ تي آھي