لڳ ڀڳ پنجاهه سالن جي ڊگهي عرصي بعد دادو ضلعي جي ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ ايس ايس پي دادو امير مسعود مگسي ۽ سي آءِ اي دادو بينظير جمالي جي اڳواڻي ۾ ڏوهارين خلاف ڀرپور قسم جو آپريشن ٿيو آهي جنهن ۾ پوليس کي بڪتربند گاڏين جو به استعمال ڪرڻو پيو۔آپريشن جي نتيجي ۾ هڪ ته ڦرون ڪندڙ ڏوهارين جو وڏو انگ هٿيڪو ٿيو ٻيو ته وڏي انگ ۾ ڏوهارين پاڻ کي پوليس آڏو پيش ڪيو۔آپريشن دوران ڏوهارين کان ڦر ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو قيمتي سامان نڪتو جيڪو متاثرين کي واپس ڪيو ويو۔
دادو جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آ جو ڪنهن پوليس ڪمانڊ کي فري هئنڊ ڏنو ويو جنهن سان ڪجهه ته کڙڪو کڙڪو پيو شهر ۽ ٻهراڙيون امن طرف موٽي اچي رهيون آهن۔جتي پوليس تي سخت تنقيد ٿيندي آهي اتي پوليس جي هنن ڪاوشن کي مڃڻو ۽ ساراهه به ڪرڻي پوندي۔ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي ۽ انسپيڪٽر بينظير جمالي جي جرئت ۽ ڪاوشن تي کين سلام هجي جن بهتر انداز ۾ ڪمانڊ ڪئي ۽ مثبت نتيجا ڏنا
دادو ضلعي جي ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ جيترا رئيس سردار ۽ وڏيرا آهن اوترا ئي اتي ڏوهاري ذهنيت رکندڙ آهن غريب غربو داءُ تي لڳل آهي غربت وڌيل آهي ماڻهن جي عزت زر زمين ملڪيتون محفوظ ناهن۔دادو جو ڪچو ۽ ڪاڇو اوائلي دور کان ڌاڙيلن جو پناهه گاهه رهيو آهي جتي پنهنجي وقت جي ڏهڪاءُ پئدا ڪندڙ ڌاڙيلن مبين ڏاهري صديق ڳهيلو پرو چانڊيو گوهر چانڊيو ڪارو ڪرڪلي ۽ ٻين ننڍن وڏن ڌاڙيلن جو راڄ ۽ حڪم هلندو هو جيڪي فوج ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ مارجي ويا ۽ پنهنجو وجود وڃائي ويٺا ۽ ماڻهن سک جو ساهه کنيو هو۔جڏهن ڌاڙيلن جو عروج هو ته اهي ڳالههيون گردش ڪنديون هيون ته ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ ڌاڙيلن جو وجود پيو پر اها به حقيقت ناهي اصل حقيقت اها آهي ته مبين ڏاهري صديق ڳهيلو ڪارو ڪرڪلي پرو چانڊيو سرور چانڊيو ۽ ٻيا پوليس ۽ مقامي وڏيرن جي ظلم زيادتين کان باغي ٿيل هئا ۽ اڳتي هلي ڌاڙيلن جو دائرو حيدرآباد مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار تائين پهتو جتي محب شيدي جانو آرائين ۽ ٻيا هئا جن سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پئدا ڪيو۔ ان بهاني دادو مٽياري حيدرآباد جا قيمتي ٻيلا وڍيا ويا۔جڏهن دادو حيدرآباد مٽياري ۾ وقت جي ڌاڙيلن جو انت آيو يا اهي فوج ۽ پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ته ڏاڙيلن ۽ ڏوهارين وري وڃي اتر سنڌ جي گهوٽڪي ڪشمور جي ٻيلن جو رخ ڪيو ۽ اتي پنهنجيون پناهه گاهون ٺاهيون ۽ اغوا ٿيندڙ مغوين کي اتي رکي ڀنگ وٺڻ واري سياست شروع ٿي۔اتي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين مٿان اتان جي سردارن وڏيرن ۽ سياسي ماڻهن جو هٿ رهيو هاڻ اتي به ڪجهه ٺاپر سامهون آئي آهي جو ڪجهه ڌاڙيل ماريا ويا آهن يا هٿ ڏنو اٿن۔
سنڌ جو ڪچو ۽ ڪاڇو سنڌ جو اهو حصو آهن جتي جبل به آهن ته پٽ به آهن قومي ٻيلا به آهن ۽ الله لوڪ بزرگن جون مزارون آهن ته ثقافت جا اهڃاڻ به آهن۔ميرن ۽ ڪلهوڙن جا مقبرا قديمي قبرستان ۽ تاريخي هنڌ به آهن جيڪڏهن ناهي ته امن ناهي ماڻهن کي تحفظ ناهي۔جيڪڏهن ڪو ادارو زمينن جي سروي ڪندو پراڻو رڪارڊ جاچيندو ته ڪاڇي ۽ ڪچي جي لکين ايڪڙ زمينن جا کاتا اتان جي سردارن وڏيرن ۽ ٻه نمبري روينيو کاتي جي ملازمن جي نالن تي رکيل هوندا۔وقت جي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب زرعي سڌارا آندا زمينون جاگيردارن ۽ سردارن کان ڦري ننڍن بي زمين هارين ۾ ورهايون ته هارين ۾ خوشحالي ايندي وري محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۽ نواز شريف به بي زمين هارين ۾ زمينون ورهايون پر انجو ڪو به کڙتيل نه نڪتو ورهايل ساڳين زمينن تي وري به طاقتورن سردارن وڏيرن قبضا ڪيا جنهن ۾ مک ڪردار جاگيردارن سردارن ۽ وڏيرن جو رهيو ساڳي بک بيروزگاري ڪر کنيو جنهن ڪري بيروزگارن ڏوهن طرف رخ ڪيو جو سرڪاري نوڪرين تي قبضو به سردارن ۽ چونڊيل عوامي نمائندن وٽ رهيو ۽ نوڪريون وڪامجڻ لڳيون۔
خدا واسطي سنڌ جو ڪچو ۽ ڪاڇو بچايو اتان جو نسل بچايو نه ته سنڌ جو املهه ڪچو ڪاڇو محنت ڪش هاري پورهيتن کان کسجي ويندو۔ واڳون ڪاريهر ڪر ڪڍيو ويٺا آهن جن جي وات ۾ هليا ويندا۔سنڌ جو ڪاڇو ۽ ڪچو تڏهن آباد ٿيندا جڏهن اتي امن ٿيندو ماڻهن کي انصاف ملندو جنهن لاءِ هن قسم جا پوليس آپريشن ٿيڻ گهرجن بک بيروزگاري جو خاتمو اچي۔روينيو کاتو هڪ اٿارٽي طور ڪم ڪري جنهن ۾ روينيو ڪامورن کان انتظامي ڪمن واپس وٺي انتظامي فرائضن لاءِ الڳ ادارو هجڻ گهرجي جيئن دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ آهن۔عوامي جهيڙن جهٽن ۽ خونريزي کان بچڻ لاءِ سب رجسٽرار آفيس کي مڪمل طور ڪمپيوٽرائيز ڪري پراڻن توڙن نون رجسٽرين کي انتي چاڙهيو وڃي ته جيئن هر ماڻهو سب رجسٽرار آفيس جا ڌڪا کائڻ بدران گهر ويٺي پراڻيون ۽ نيون رجسٽريون ڏسي ۽ حاصل ڪري سگهن۔بهرحال دادو جي ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ ٿيندڙ پوليس آپريشن وقت جي ضرورت آهي جنهن لاءِ پوليس ڪمانڊ کي ان ڳالهه کي به يقيني بنائڻ گهرجي ته جيئن ڪو بيگناهه ان 0جو شڪار نه ٿئي جهڙي طرح سوشل ميڊيا رپورٽ پيو ڪري۔