پاڪستان ۾ دهشتگردي تي چين جو اهم بيان سامهون اچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد جي ڀرپور حمايت جاري رکنداسين.
چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اربع ڏينهن بريفنگ ۾ چيو ته اسان اسلام آباد ۾ ڪچهري ڀرسان ٿيندڙ حملي جي مذمت ڪيون ٿا، چين هر قسم جي دهشتگردي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو.
هن حملي ۾ مارجي ويلن سان تعزيت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته چين دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن، سماجي استحڪام ۽ عوام جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.