بي سي سي آءِ ويرات ۽ روهت جي مستقبل بابت فيصلو ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا ( بي سي سي آءِ ) اڳوڻن ڪپتانن ۽ سينيئر رانديگرن روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي آڏو ڀارتي ٽيم ۾ سليڪشن جي حوالي سان شرط رکيو آهي.
ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي تان اڳ ئي رٽائر ٿي چڪا آهن ۽ رڳو ون ڊي فارميٽ کيڏڻ جي اهل آهن.
ڀارتي ڪرڪيٽ حلقن ۾ ٻنهي سينيئر ڪرڪيٽرز جي 2027ع واري عالمي ڪپ تائين ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ بابت به ڪيئي سوال اُٿي رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪوهلي ۽ روهت جي ٽيم ۾ شموليت لاءِ بي سي سي آءِ طرفان شرط رکيو ويوآهي ته کين ڀارتي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ علائقائي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽس ۾ حصو وٺڻو پوندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچون نه ٿيڻ سبب روهت ۽ ويرات کي وجئه هزاري ٽرافي کيڏڻ جي صلاح ڏني وئي آهي ته جيئن هو ميچ فٽنيس برقرار رکي سگهن.
هڪ بورڊ عهديدار جو چوڻ آهي ته ٽيم مئنيجمينٽ ۽ بورڊ ٻنهي رانديگرن کي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هو ڀارت لاءِ کيڏڻ چاهين ٿا ته کين ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته جيئن ته ٻئي ڪرڪيٽر ٻن فارميٽس تان رٽائر ٿي چڪا آهن، تنهنڪري فٽ رهڻ لاءِ کين ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لازمي طور کيڏڻي پوندي.
ميڊيا رپورٽن موجب، روهت شرما پنهنجي دستيابي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ هو ممبئي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن کي پنهنجي شرڪت بابت آگاهه ڪري چڪو آهي.
ٻئي پاسي ڪوهلي جي شرڪت اڃا تائين غير يقيني واري صورتحال ڇانيل آهي، ڇو ته هو هاڻي ڪٽنب سوڌو لنڊن شفٽ ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.