”ڪراچي ۾ دهشتگردي جو خطرو“ گهرو کاتي وضاحت جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سيڪيورٽي الرٽ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن تي گهرو کاتي جي وضاحت اچي وئي.
صوبائي گهرو کاتي سوشل ميڊيا تي سيڪيورٽي الرٽ بابت گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.
گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪراچي جي حوالي سان جاري ڪيل سيڪيورٽي الرٽ گمراهه ڪندڙ ۽ ان جو نوٽيفڪيشن به جعلي آهي.
واضح رهي ته سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي هڪ نوٽيفڪيشن وائرل ٿيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 12 کان 30 نومبر تائين دهشتگردي جو خطرو آهي، جنهن سبب گهرو کاتي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.