پوليس پاران بدنام ڌاڙيل سلطان شاهه کي پٽ سميت مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر پوليس بدنام ڌاڙيل سلطان شاهه کي پٽ سميت مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب سلطان شاهه روهڙي ۾ موٽر سائيڪل کسڻ جي ڪوشش دوران فائرنگ ڪري نوجوان کي زخمي ڪري وڌو، جنهن تي پوليس پيڇو ڪيو، ان دوران سول اسپتال ڀرسان سلطان شاهه پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.
پوليس ٻڌايو ته جوابي ڪارروائي ۾ سلطان شاهه ۽ سندس پٽ حبدار شاهه مارجي ويا، سلطان شاهه اغوا، ڦر، ڀتي خوري ۽ قتل سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث هو، مٿس 20 لک رپيا انعام رکيل هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.