ڪراچي/مٺي (پ ر+ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته هڪ ترميم عوام لاءِ به هجڻ گهرجي، ادارن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ فردن کي بااختيار بڻائڻ ملڪ ۾ هڪ نئون بحران پيدا ڪري سگهي ٿو. آئيني ترميم ذريعي صدر کي سڄي عمر ڇوٽ ڏيڻ اسلامي اصولن جي خلاف آهي. اسلام ۾ ڪو به شخص پوءِ کڻي اهو ڪيترو به اعليٰ عهدو رکندڙ هجي، عدالتي احتساب کان مٿانهون ناهي. خلفاء راشدين جا مثال ان جو چٽو ثبوت آهن. تاريخ ۽ عوام انهن حڪمرانن کي معاف نه ڪندا جيڪي آئين ۽ عوام جي طاقت جي خوف کان من ماني ترميمون ڪندا آهن. اھڙن خيالن جو اظهار هن مرڪز اسلامي مٺي ۾ اجتماع جي تيارين جي سلسلي ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.