سول بالادستي جي جنگ ۾ نوازشريف سان ڪڏهن ڪنهن ساٿ ڏنو؟

اسلام آباد(عابد ڌريوال)جڏهن نواز شريف پارليامينٽ ۾ بيهي چيو هو ته "مان ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺندس”، تڏهن سول بالادستي جا ڪيترا علمبردار هن سان گڏ بيٺا هئا؟جڏهن قومي سلامتي ڪائونسل جي مسئلي تي جنرل جهانگير ڪرامت کان استعيفيٰ ورتي وئي، تڏهن ڪنهن به اڳواڻ يا تجزيه نگار هن قدم کي ساراهيو؟جڏهن ڪارگل جي وڏي غلطي ۽ واجپائي جي تاريخي لاهور دوري کي سبوتاژ ڪرڻ تي نواز شريف جنرل مشرف خلاف انڪوائري ڪميشن جو حڪم ڏنو ۽ پنهنجي اختيار استعمال ڪندي کيس برطرف ڪري جنرل ضياالدين بٽ کي آرمي چيف مقرر ڪيو  تڏهن سول سوسائٽي جي ڪنهن به حصي هن جي همت جي واکاڻ نه ڪئي۔جڏهن سڀني ڌمڪين ۽ خطرناڪ نتيجن کي نظرانداز ڪندي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ فوجي آمر کي هٿڪڙي پائڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن ڪنهن به “جمهوري حقن جي علمبردار” نواز شريف کي خراجِ تحسين پيش ڪيو؟نواز شريف هر ڀيري سول سپرميـسي جي قيمت پنهنجي ذاتي نقصان سان ادا ڪئي۔1999ع ۾ کيس پنهنجا سڀ اثاثا وڃائڻا پيا،جـيـل جي اذيتون ڀوڳيون،جلاوطن ٿي سعودي عرب روانو ٿيو،وري موٽي آيو ته نااهل ٿيو، جيل موڪليو ويا، ۽ ميڊيا تي بدنامي مهم هلائي وئي۔سؤن ڪلاڪن جا پرائم ٽائيم شوز صرف نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف هلندا رهيا۔ڪلثوم نواز بابت به چيو ويو ته هوءَ “ڪاسميٽڪ ڪلينڪ” ۾ آهي،ماڻهن کي ياد ڪرائڻ ضروري آهي ته جڏهن نواز شريف سول بالادستي جو جهنڊو کڻي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي،تڏهن هن جي پٺيان ڪو به بيٺل نه هو۔اهي ئي سياسي پارٽيون ۽ سول سوسائٽي، جيڪي اڄ پاڻ کي جمهوري سڏائين ٿيون،تڏهن هن جي پٺيءَ ۾ خنجر هنيو۔اڄ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ٽن ڏهاڪن جي بي وفائين ۽ مفادن جي سياست جو تسلسل آهي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.