لاهور(بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم پاران آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مقرري کان وڏو الميو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ چيف جسٽس آف پاڪستان جو عهدو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. حڪومت پنهنجي مفادن لاءِ آئين جي تصوير کي خراب ڪري رهي آهي. جماعت اسلامي 26 هين ترميم جي وقت به آئين سان گڏ هئي ۽ اسان اڄ به آئين سان گڏ بيٺا آهيون.انهن خيالن جو اظهار هن ايوان عدل لاهور ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صدر لاهور بار ايسوسيئيشن چوڌري مبشر رحمان ايڊووڪيٽ، نائب صدر ملڪ سيف کوکر ايڊووڪيٽ ۽ صدر اسلامڪ لائرز موومينٽ ڪليم جاويد پڻ موجود هئا،هن چيو ته اسلام سڀ کان طاقتور کي به استثنيٰ نٿو ڏئي.خلفه راشدين عدالتن ۾ پيش ٿي آئين ۽ قانون جي بالادستي جي هڪ بهترين مثال قائم ڪئي،هن چيو ته هي فريب ڏيندڙ سياست ۽ نظام عام ماڻهو لاءِ نه پر اشرافيه لاءِ آهي. اسان نومبر جي آخري هفتي ۾ مينار پاڪستان کان ان کي تبديل ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪنداسين.