ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊينگي بخار سبب هڪ نوجوان ڇوڪري فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ ڊينگي سان لاڏاڻو ڪندڙ ماڻهن جو انگ وڌي 26 ٿي ويو، سنڌ انفڪشس ڊيزز اسپتال اينڊ ريسرچ سينٽر ۾ 19 ورهين جي ڇوڪري، جيڪا ڪورنگي جي رهواسڻ هئي، ڊينگي بخار جي ڪري دم ڏنو، ذريعن موجب ڇوڪري کي دورا پئجي رهيا هئا جنهن کانپوءِ وارثن کيس اسپتال پهچايو، اسپتال جي سينيئر ڊاڪٽر موجب ڇوڪري کي ڊينگي اينسفيلائيٽس (دماغ تي حملو ڪندڙ پيچيدگي) ٿي هئي، جيڪا ڊينگي بخار جي انتهائي ناياب ۽ خطرناڪ صورت آهي، ڇوڪري داخلا جي هڪ ڏينهن بعد ئي فوت ٿي وئي، ڊاڪٽر ٻڌايو ته ڊينگي اينسفيلائيٽس جون علامتون آهن، دورا پئجڻ، عضلا ڪمزور ٿيڻ، شعور ۾ تبديلي، يا بيهوشي، هن سال سنڌ انفڪشس ڊيزز اسپتال ۾ ڊينگي بخار سبب فوتگين جو انگ 13 تائين پهچي ويو ، جڏهن ته اسپتال ۾ هن وقت به 30 مريض علاج هيٺ آهن، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته گرمي گهٽ ٿيڻ باوجود ڪيسن ۾ گهٽتائي نه ٿي ڏسجي، شايد ڊسمبر تائين حالتون بهتر ٿين، سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 727 ماڻهن جا ڊينگي ٽيسٽ مثبت آيا، جن مان 269 ڪراچي ۽ 458 حيدرآباد جا آهن، صحت کاتي جي بيان موجب “سرڪاري اسپتالن ۾ 271 ۽ نجي اسپتالن ۾ 171 مريض علاج هيٺ آهن، صوبائي سطح تي هن مهيني ڪيسن جو انگ 6 هزار 708 ۽ هن سال مجموعي طور 12 هزار 284 تائين پهچي ويو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊينگي ڪنهن ماڻهوءَ کان ٻي ماڻهوءَ ۾ سڌي طرح منتقل نه ٿيندي، پر بيماري جي پهرين 4 کان 5 ڏينهن ۾ متاثر شخص مان وائرس مچھر ذريعي ٻي ماڻهن ۾ پکڙجي سگهي ٿو، تنهن ڪري صحتيابي دوران به مڇر کان بچاءُ ضروري آهي.