ڪراچي (رپورٽر) مفتي تقي عثماني جو چوڻ آهي ته اسلام ۾ ڪو به شخص، ڀلي ڪيتري وڏي عهدو تي هجي، ڪنهن به وقت عدالتي ڪارروائي کان مٿانهون نه ٿو ٿي سگهي، پنهنجي بيان ۾ مفتي تقي عثماني چيو ته خلفائي راشدين جا مثال سڀني کي معلوم آهن، هن وڌيڪ چيو ته اسانجي دستور ۾ اڳ ۾ صدر کي صدارت دوران تحفظ ڏنو ويو، جيڪو اسلام جي خلاف هو ۽ هاڻي ڪنهن کي تاحيات اهڙو تحفظ ڏيڻ شريعت ۽ آئين جي روح جي مڪمل خلاف آهي، مفتي تقي عثماني چيو ته هي ڇوٽ ملڪ لاءِ نهايت شرمناڪ هوندي ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي گذارش آهي ته هو هي گناهه پنهنجن مٿن تي نه کڻن.