عدالتي نظام ۾ تبديلين جو عالمي سطح تائين اثر ٿيندو، سپريم ڪورٽ ڪردار ادا ڪري\قانوني ماهر

اسلام آباد(ع آ نيوز) ماهرن جو چوڻ آهي  ته  پاڪستان ۾ آئيني ترميم جي ذريعي عدالتي نظام ۾ تبديليون صرف عدالتي سطح تي اثرانداز نه ٿينديون، بلڪه ان جا اثر بين الاقوامي سطح تي پڻ محسوس ٿيندا، جتي غير ملڪي سيڙپڪارن جو اعتماد متاثر ٿي سگهي ٿو، بين الاقوامي قانونن جي ماهر احمر بلال خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته مجوزه آئيني ترميم جي تحت آئيني عدالت جي قيام سان سيڙپڪاري ڪندڙ غير ملڪي ڪمپنيون پريشان ٿي سگهن ٿيون، جيڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کان اڳ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهينديون آهن ته ڪنهن به حڪومت جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ ڪهڙي عدالت ۾ وڃڻ ٿي سگھي ٿو. احمر بلال صوفي جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئيني عدالت جو قيام سياسي مقصدن لاءِ ٿي سگهي ٿو، جتي ڪجهه سياستدان سپريم ڪورٽ جي فيصلا سبب نقصان ۾ آيا، ۽ انهن سڀني پنهنجا حساب برابر ڪرڻ لاءِ ترميم ۾ پنهنجون تجويزون ڏنيون. ماهرن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته موجوده سپريم ڪورٽ کي عوام ۾ پنهنجي ساکھ کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏ، فوجداري ڪيسن جا وڪيل افتخار شيرواني جو اهو خيال آهي ته آئيني عدالت جو قيام جيڪڏهن عوامي فائدن کان علاوه ٻين مقصدن لاءِ ڪيو ويو، ته اهو اقدام غير اثرائتو ثابت ٿي سگھي ٿو. افتخار شيرواني جو چوڻ هو ته اعليٰ عدليه جي ججن جي بدلي حساس مسئلو آهي، جتي دٻاءُ وڌڻ جو امڪان موجود آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين حسن رضا پاشا پارليامينٽ جي بالادستي تي زور ڏيندي چيو ته آئيني ترميم ڪرڻ جو حق پارليمنٽ کي حاصل آهي .حسن رضا پاشا جو اهو پڻ چوڻ هو ته وفاقي آئيني عدالت جو قيام وڪيل برادري جي نه، بلڪه سياسي جماعتن جو فيصلو آهي، ۽ ان جو مطالبو 2006 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ ٿيل ميثاقِ جمهوريت ۾ به موجود هو. هن چيو ته "آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت سپريم ڪورٽ جي ازخود نوٽيس وٺڻ جو اختيار ختم ناهي ڪيو ويو، بلڪه ان ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي، جيڪو وڪيل برادري جي قديم مطالبن مان هڪ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.