ڪيش ليس معيشت سان گورننس بهتر ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي ايندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪيش ليس معيشت ذريعي گورننس جي بهتري ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي ايندي، ڪيش ليس معيشت جو ڏنل هدف ڄاڻايل مدي ۾ يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪيش ليس معيشت جي اپائن تي جائزو اجلاس ٿيو. شهباز شريف چيو ته معيشت کي ڪيش ليس ڪرڻ لاءِ جاري اپائن جو ملڪي معيشت تي جٽادار ترقي ۾ مک ڪردار هوندو، مڪمل طور تي ڪيش ليس معيشت ۽ غير رسمي معيشت جي خاتمي لاءِ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ آگاهي وڌائي وڃي. سڄي دنيا ڊجيٽل معيشت ڏانهن تيزي سان وڌي رهي آهي، پاڪستان کي دنيا سان پير ۾ پير ملائي هلڻو پوندو.

  1. ملڪ ۾ في تولو سون 7 هزار 400 رپيا مهانگو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ سون جون قيمتون وري هزارين رپيا وڌي ويون، جڏهن ته چاندي به مهانگي ٿي وئي، آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيويلرز ايسوسيئيشن موجب ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن 24 قيراط سون جي في تولو قيمت 7 هزار 400 رپيا وڌي 4 لک 29 هزار 862 رپيا ٿي وئي، ساڳي وقت 24 قيراط سون جي 10 گرام قيمت 6 هزار 337 رپيا واڌ سان 3 لک 68 هزار 530 رپيا ٿي وئي،عالمي مارڪيٽ ۾ به 74 ڊالر واڌ سان في اونس سونو 4075 ڊالر تي پهچي ويو، ٻئي پاسي 115 رپيا واڌ سان في تولو چاندي جو ملهه 5 هزار 209 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 98 رپيا واڌ سان 4 هزار 465 رپيا ٿي وئي، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس چاندي 49.47 ڊالر تي پهچي وئي.

  1. آمريڪا ۾ ٽرمپ انتظاميا خلاف سخت عوامي رد عمل جو امڪان

نيو يارڪ (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو هر آمريڪي شهري کي 2,000 ڊالر ڏيندو. هي اعلان اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن ٽرمپ جي پارٽي کي نيويارڪ ۾ چونڊن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي، ۽ هن شڪست کان پوءِ، ٻين آمريڪي رياستن ۾ به شڪست جا خطرا وڌي ويا آهن. ٽرمپ وضاحت ڪئي ته هي پئسا رڳو غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ڏنا ويندا، ۽ اميرن کي هن امداد مان فائدو نه ملندو. هن چيو ته اسان جي پاليسي جو مقصد آمريڪي عوام کي سڌي طرح مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي، ته جيئن اهي هن ڏکئي وقت ۾ رهي سگهن. هن فيصلي سان هڪ ٻي اهم ڳالهه سامهون آئي آهي. آمريڪي صدر چيو ته هن منصوبي تحت ڪل 600 ارب ڊالر ورهايا ويندا. ٻئي طرف، ٽرمپ جي واپاري پاليسين ۽ ٽيرف جي ڪري آمريڪي معيشت ۾ مهانگائي جو طوفان آهي. خاص طور تي درآمدات تي لاڳو ڪيل ٽيرف شين جي اگهن ۾ واڌ جو سبب بڻيا آهن، جنهن سان عوام ۾ ڪاوڙ پيدا ٿي رهي آهي. آمريڪي عوام جو هڪ وڏو حصو ٽرمپ جي معاشي پاليسين کان مطمئن نظر نٿو اچي، ۽ خدشو آهي ته جيڪڏهن شيون بهتر نه ٿيون ته ماڻهو احتجاج ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري سگهن ٿا. معاشي مسئلا، وڌندڙ مهانگائي، ۽ سرڪاري پاليسين خلاف عوامي عدم اطمينان وڌي رهيو آهي. هي صورتحال آمريڪي سياست ۽ معيشت لاءِ هڪ سنگين چئلينج پيدا ڪري سگهي ٿي.

  1. پاڪستان جا مطالبا عمل ڪرڻ جوڳا نه هئا، ڳالهيون ناڪام: افغان سرڪار

ڪابل (م ڊ)  افغانستان جي پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو آهي ته پاڪستان سان استنبول ۾ ٿيل ٽياڪڙي وارنن ڳالهين ۾ اسلام آباد جا مطالبا عمل ڪرڻ جوڳا نه هئا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ ممڪن نه هو. امير خان متقي چيو ته پاڪستان ٽي ٽي پي جي گروپن کي افغانستان منتقل ڪرڻ جي گهر ڪئي، جيڪو افغانستان لاءِ ناقابل قبول آهي. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور ٻه ڏينهن اڳ ناڪامي سان ختم ٿيو، اسلام آباد پاران جمعي ڏينهن ان جو باقاعده اعلان ڪيو ويو، قطر ۾ طئي ٿيل جنگ بندي جي تسلسل لاءِ استنبول ۾ ملاقاتون ڪيون ويون، پر نتيجو حاصل نه ٿيو. اسلام آباد کابل تي الزام لڳائي ٿو ته ٽي ٽي پي ۽ ٻين عسڪريت پسند گروپن کي پناه ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته افغان طالبان ان جي ترديد ڪن ٿا،  افغانستان تحريري معاهدو جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت چاهي ٿي ته ٽي ٽي پي ۽ ٻين گروپن کي پنهنجي سرزمين تان حملو ڪرڻ نه ڏنو وڃي، خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان سان ڳالهين جو سلسلو ختم ٿي چڪو آهي ۽ جنگ بندي تڏهن تائين جاري رهندي جيستائين کابل ان جي ڀڃڪري نه ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.