اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر نئين ترميم جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته حڪومت آئين جا بنياد اکيڙي رهي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو.پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني ليڊر، سينيٽر علي ظفر 27هين آئيني ترميم جي مخالفت جو اعلان ڪيو ۽ درخواست ڪئي آهي ته سڀ پارلياماني پارٽيون گڏجي موقف اختيار ڪن. سينيٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ 27هين آئيني ترميم جي مڪمل مخالفت ڪري ٿي، ڇوته آئيني ترميم ڪنهن عمارت جي بنياد سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي برابر آهي. سينيٽر علي ظفر چيو ته آئين جا پنج ٿنڀ آهن، جيڪڏهن هڪ به لُڏي وڃي ته وڏي تباهي اچي سگهي ٿي، 1973ع ۾ آئين ٺاهيو ويو ۽ چيو ويو ته اهو ڪنهن پارٽي يا هڪ شخص جو نه پر سڄي قوم جو آهي، توهان عمارت جي بنياد کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، آمريت دوران به آئيني ترميم ۾ وڏو وقت لڳو، 4 کان 6 مهينا لڳا، جڏهن ته 18هين آئيني ترميم لاءِ 9 مهينا لڳا، هن چيو ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن ۾ صوبا پاڻمرادو آهن، پارليامينٽ عوام جي ووٽن سان ٺهندي آهي ۽ آئين جي پابند آهي، آئين قوم کي بنيادي حق ڏئي ٿو، جن تي عمل ڪرائڻ لاءِ عدالتون آهن ۽ آزاد عدليه لازمي آهي، آئين جو اصول آهي ته سولين بالادستي هجڻ گهرجي. عوامي مينڊيٽ چورايو ويو ۽ عدليه کي استعمال ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي جج کي سپريم ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بڻايو پيو وڃي، سڄي طاقت هڪ وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي، جيڪا عدليه جي آزادي خلاف آهي. اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبرن سينيٽ پنهنجي سيٽن تي پنهنجي پارٽي جي باني عمران خان جون تصويرون رکيون. اجلاس جي شروعات ۾ هڪ پي ٽي آئي اڳواڻ اعتراض ڪيو، جنهن تي چيئرمين گيلاني جواب ڏنو ته سندس گذريل ڏينهن جي فيصلن مطابق، سينيٽر پنهنجي شڪايت سينيٽ چيئرمين جي آفيس ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر پرويز رشيد افسوس سان چيو ته ايوان ۾ ايڊووڪيٽ علي ظفر صرف تصوير جو هڪ رخ پيش ڪري رهيا آهن، جيڪو انهن کي پسند آهي. پرويز رشيد چيو ته علي ظفر ماضي ۾ عدليه کي هڪ سياسي جماعت جي اوزار ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جو ڪو ذڪر ناهي ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر پارليامينٽ چيو ته اپوزيشن بئنچن جي ميمبرن صرف تجويز ڪيل ترميم جي هڪ رخ تي ڳالهائي رهيا آهن، جيڪو عدليه سان تعلق رکي ٿو. لڳي ٿو ته اپوزيشن تجويز ڪيل ترميم جي باقي سڀني شقن کي قبول ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن پنهنجي ججن جي لباس ۾ هڪ سياسي جماعت جو جهنڊو لڪائي رکيو آهي . ان دوران، پيپلز پارٽي جي سينيٽر سيد مسرور احسن چيو ته پي ٽي آءِ جا ميمبر مونجهاري جو شڪار آهن، جنهن تي اپوزيشن بنچن مان گوڙ شروع ٿي ويو. هن ظاهري طور آرٽيڪل 243 ۾ تجويز ڪيل تبديلين طرف اشارو ڪندي، پرويز رشيد جي ڳالهه سان اتفاق ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ اصلي معاملن تي خاموش آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ڪجهه گڙٻڙ آهي. مسرور احسن چيو جوش ۾ اچي چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اڳواڻن جا لاش ڏٺا آهن، جن ۾ اڳوڻو صدر ذوالفقار علي ڀٽو، سندس ڌيءُ، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، شهناز ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو شامل آهن. هن پي ٽي آئي کي مخاطب ٿيندي چيو توهان پارليامينٽ ۾ آهيو، توهان سياستدانن سان گڏ ويٺا آهيو، توهان سياسي اڳواڻن سان قانون سازي لاءِ تيار آهيو، پر ڳالهه ڪنهن ٻئي سان ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. سينيٽر اعظم سواتي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان آئين ۽ قانون سان وڏو ظلم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هي ڪارو بل آهي، هي بل تڙتڪڙ ۾ ٺاهي ويو آهي، ۽ اهو قومي مفاد ۾ ناهي. هن چيو ته عدليه جو جنازو نڪرڻ وارو آهي، هاڻي عدليه نٿي چئي سگهي ته اها آزاد هوندي، اسان هاڻي ڪٿي داد رسي لاءِ وڃون؟ سينيٽر محسن عزيز چيو ته هن آئيني ترميم ۾ ڪهڙي ڳالهه جي ايتري جلدي؟ ڇا آئيني ترميم تي بحث ضروري ناهي؟ هاڻي ان ترميم تي ايوان ۾ بحث جو موقعو ئي ناهي، اجازت ئي ناهي. هن چيو ته اهڙي وقت ۾ اپوزيشن ليڊر ناهي، هي ڪهڙي جمهوريت جي نشاندهي ڪندو آهي؟ هن چيو، "ڇا اسان آئيني ترميم ۾ عدليه کي مضبوط ڪري رهيا آهيون؟ يا ان کي ڪمزور کان ڪمزورتر ڪري رهيا آهيون؟ اسان کي مضبوط فوج، صحت، تعليم ۽ معيشيت گهرجي، اسان ميثاقِ معيشيت ڪري سگهون ٿا، اسان ادارن کي وڃي حقيقتون ٻڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته جڏهن اسان ۾ اها همت پيدا ٿيندي، تڏهن ملڪ ترقي ڪندو، تڪڙ نه ڪريو، جيڪي بهترين ترميمون ٿينديون، انهن تي اسان توهان سان ويهي ڳالهايون ٿا. سينيٽر محسن عزيز چيو ته اسان جون تجويزون ٿيون، انهن تي اسان سان ويهي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، پر اسان بُلڊوز عمل جو حصو نه بڻجنداسين. تحريڪ انصاف جي سينيٽر نور الحق قادري چيو آهي ته 804 تسبيح وارو ايندو ۽ هي سڀ ترميمون مليا ميٽ ٿي وينديون، ۽ وڌيڪ چيو ته هي سڀ ترميمون عارضي اثر رکڻ ٿي سگهن ٿيون، پر آخرڪار اهي ختم ٿي وينديون. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته اهڙي قانون سازي ڪو نئون ڪم ناهي ۽ هو حڪومت کي صلاح ڏيندي چيو ته مزا ڪيو ۽ ترميم پاس ڪرائڻ ڏيو ڇو ته اهو ڪجھ ڪلاڪن جو ڪم آهي. هن چيو ته "منهنجي پارلياماني ليڊر ان بابت ڳالهايو آهي ۽ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو پر جيڪڏهن مون ڳالهايو ته ڪوزي جو ڍڪڻ کلي ويندو ۽ ٻوڏ اچي ويندي . سيف الله ابڙو وڌيڪ چيو ته حڪومت جا سڀ ماڻهو اسان جي پارلياماني ليڊر سان خوش آهن، ۽ هو قسم کڻن ٿا ته ان جو ليڊر ايماندار آهي. جمعيت علماءِ اسلام جي سينيٽر طلحا محمود آئيني ترميم جي حمايت ڪندي چيو ته هي ترميمون وقت جي ضرورت آهن، ڇو ته پاڪستان هن وقت دشمنن سان گهيرو ٿيل آهي. طلحا محمود چيو ته آئيني معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ عدالت جو هجڻ ضروري آهي، جيئن هزارن ڪيسن جو جلد حل ٿي سگهي، جيڪي اڄ تائين التوا ۾ آهن. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٿيندڙ تنازعات کي حل ڪرڻ لاءِ آئيني عدالت جو قيام ضروري آهي. اسان کي فوج کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي . سينيٽر دنيش ڪمار پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهڙي قسم جي ترميم آڻڻ گهرجي جيڪا غير مسلمن کي پڻ پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم بڻائڻ جو حق ڏئي. اهڙيون ترميمون ٿيڻ گهرجن جيڪي سينيٽ کي وزيراعظم بڻائڻ جو حق ڏين، ۽ اهڙي ترميم آڻڻ گهرجي جنهن تحت بجيٽ سينيٽ کان منظور ڪرائي وڃي. هن چيو ته اقليتن کي ڇو ديوار سان لڳايو وڃي ٿو، مان هندو آهيان، مون کي ڪافر ڇو چيو ويندو آهي؟ مان به داتا دربار ۽ سيوهڻ شريف ويندو آهيان. سينيٽر زرقا سهروري چيو ته صدر ۽ وزيراعظم کي احتساب لائق بڻائڻو پوندو. سينيٽر سرمد علي چيو ته اسان واقعي انهي شخص جي جيل کان ٻاهر نڪرڻ تي ڊنل آهيون، ان شخص جيترو ملڪ کي نقصان پهچايو، اهو ٻاهر اچي ملڪ کي وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته آئيني عدالت ميثاقِ جمهوريت جو حصو هئي، جنهن جي عمران خان تائيد ڪئي هئي، پيپلز پارٽي هر منشور ۾ آئيني عدالت جو ذڪر ڪيو آهي، انهن ترميمون سان پارليامينٽ جو ڪردار مضبوط ٿي رهيو آهي، انهن ترميمن سان عدليا ڪمزور نٿي ٿئي. هن چيو ته هن عدليه ملڪ جي وزيراعظم کي ڦاسي ڏني، انهن کي نااهل ڪري گھر موڪليو، چونڊيل وزيراعظم کي گھر موڪلڻ جو حق صرف پارليامينٽ کي آهي.