پشاور(عوامي آواز رپورٽ)اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ چيو آهي ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کانپوءِ، 1973 جو وفاقي-جمہورياتي-پارلياماني آئين، جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ ۽ عبد الولي خان جي اپوزيشن جي گڏيل ڪوششن سان ٺاهيو ويو هو، عملي طور ختم ٿي چڪو آهي.هاڻي پاڪستان کي فوجي آئين کي خوش آمديد چوڻ گهرجي،جيڪو غير چونڊيل پارليامينٽ پاران منظور ڪيو ويو آهي.اهو مظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنهن واضح منزل کان بغير، هڪ اڻڄاتل ۽ خطرناڪ رستي تي روانو آهي، جتي جمھوريت ۽ قانون جي بالادستي جو مستقبل ڳڻتي جوڳو آهي۔