اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئينِ پاڪستان 27هين آئيني ترميم جي مخالفت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو ته اڄ کان تحريڪ شروع ٿي رهي آهي ۽ اسان پارليامينٽ هلڻ نه ڏينداسين. محمود اچڪزئي جو چوڻ هو ته رات ساڍي اٺين وڳي کان نعرا لڳايا ويندا، ۽ اڄ جو نعرو هوندو، اهڙو دستور اسان کي قبول ناهي. مشترڪ پريس ڪانفرنس ۾ مصطفىٰ نواز کوکر چيو ته 27هين ترميم ماڻهن جي فائدي ۽ نقصان کي ذهن ۾ رکي تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آئين جو ڪنهن ماڻهو سان تعلق ناهي. اشرافيه پنهنجن مفادن لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪري رهي آهي. سينيٽر راجا ناصر عباس چيو ته پارليامينٽ ۽ عدليه کي تباهه ڪيو ويو آهي، حڪمران ملڪ کي تباهي جي طرف وٺي پيا وڃن. هن خبردار ڪيو ته اسان هيءَ ترميم روڪڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.