لاهور (بيورو) قومي ايئر لائن جي بوئنگ 777 جهاز جي ونڊ شيلڊ ٻيهر ٽُٽي وئي، جنهن بعد جهاز کي جدا ايئرپورٽ تي گرائونڊ ڪيو ويو، ذريعن موجب بوئنگ 777 جي ونڊ شيلڊ پهريون ڀيرو خميس تي 34 هزار فُٽ مٿي ٽُٽي هئي، جڏهن ته نئون لڳايل شيشو ٽئين ڏينهن ئي ٻيهر خراب ٿي ويو،رپورٽن موجب متاثر جهاز ۾ نئين ونڊ شيلڊ بدران هڪ گرائونڊ ٿيل جهاز مان ڪڍي لڳائي وئي هئي، متاثر جهاز تي لاهور جي اڏام پي ڪي 860 آپريٽ ٿيڻ واري هئي، پر ونڊ شيلڊ ٽُٽڻ سبب جده کان لاهور ويندڙ اڏام ڪيترائي ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي.