موجودا معاشي ڍانچو ڍير ٿيڻ وارو آهي:قيصر بنگالي

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته  موجوده مسودي ۾ اين ايف سي بابت ڪا شق شامل ناهي، جيڪا اڳ ۾ تمام گهڻي بحث جو موضوع رهي. جيئن ئي مسودو قومي اسيمبلي يا سينٽ ۾ پيش ٿيندو، ممڪن آهي ته ان ۾ تبديليون اچي وڃن. هن وقت دستياب معلومات جي بنياد تي، 27هين ترميم جو اقتصادي اثر وڌيڪ سڌو سنئون نه آهي، پر ان جا اثر بالواسطه ٿي سگهن ٿا،هن چيو ته 27هين ترميم صرف آرمي چيف جي حيثيت سان لاڳو نه ٿي رهي، پر ان ۾ آرمي جي قيادت جي جوڙجڪ، مقرري ۽ ٽرانسفر جي معاملن کي به ترتيب ڏنو پيو وڃي. ڊاڪٽر بنگالي جي مطابق، پاڪستان جي معيشت تقريبا 25 سالن کان ڏيوالو ٿيڻ جي صورتحال ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ پنهنجا قرض واپس ڪرڻ جي قابل ناهي، ۽ اصل رقم جي ڳالهه ته ڇڏي ڏيو، وياج  جي ادائيگي لاءِ به وڌيڪ قرض وٺڻو پوي ٿو. هن چيو ته حڪومت ميڊيا ۽ عدليه تي مڪمل ڪنٽرول رکي ٿي، جنهن سبب عوام کي انصاف حاصل ڪرڻ جا ٻه مکيه ذريعا ميڊيا ۽ عدالتون بند ڪيا ويا آهن. هن چيو ته مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري گهٽجي رهي آهي، ڇو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ اقتصادي غير يقيني صورتحال آهي. عوام جي خريداري طاقت گهٽجي وئي آهي، وچولي طبقي جي بي روزگاري وڌي آهي، ۽ ڪاروبار هلائڻ غير منافع بخش ٿي چڪو آهي. ڪيتريون ئي  صنعتون ۽ ڪارخانا بند ٿي ويا آهن، ۽ ڪجهه ڪمپنيون پنهنجي عالمي برآمداتي ڊويزن کي بند ڪري ويون آهن،هن چيو ته معيشت گهڻو ڪري پراپرٽي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ تي مدار رکي ٿي، جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار ڪمزور ٿي چڪي آهي. معيشت جي واڌاري جي شرح 2.6 کان 3 سيڪڙو آهي، جيڪا غربت گهٽائڻ لاءِ ڪافي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.