27هين ترميم آئين ۽ پارليامينٽ جي روح خلاف آهي:ڪاشف سعيد

ڪراچي / ٽنڊو آدم (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته 26 هين ترميم جا ڦٽ اڃا تائين نه ڇٽيا آھن ته وري تڙ تڪڙ ۾ 27 هين ترميم ذريعي عدليه کي ختم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان کان اڳ پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. حقيقت اها آهي ته 27 هين ترميم آئين ۽ پارليامينٽ جي روح جي خلاف آهي، هي صورتحال اسلامي جمهوري ۽ خوشحال ملڪ لاءِ پريشان ڪندڙ آهي، 21 نومبر کان جماعت اسلامي جو ٽن ڏينهن جو ميڙاڪو  فرسوده، ظالماڻو، جاگيرداراڻي نظام کي تبديل ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ثابت ٿيندو. جنھن ۾ سڄي ملڪ مان لکين مرد ۽ عورتون ۽ دنيا جي اسلامي تحريڪن جا نمائندا شرڪت ڪندا. جماعت اسلامي هميشه عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آھي. اھڙن  خيالن جو اظهار هن ٽنڊو آدم جي اقبال ڪالوني ۾ ملڪگير عوامي اجتماع جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ جماعت اسلامي سانگهڙ ضلعي جي عهديدارن جي هڪ اهم اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.