ڪوئيٽا (م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ستاويهين آئيني ترميم جو مسودو سينيٽ آف پاڪستان ۾ پيش ٿيڻ ۽ منظر عام تي اچڻ کان پوءِ نيشنل پارٽي پنهنجن قانوني ماهرن سان مشورو ڪيو ۽ پارٽي جي ذميوار فورمن تي ان تي تفصيلي غور ڪيو. ترجمان وڌيڪ چيو ته ستاويهين آئيني ترميم اصل ۾ آئين جي بنيادي روح ۽ آئيني ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي. تنهن ڪري، ان ترميم کي پارٽي جي آئيني ادارن اڪثريت راءِ سان رد ڪيو آهي. هن چيو ته نيشنل پارٽي هن آئيني ترميم جي مخالفت ڪندي.