ٽنڊوالھيار (رپورٽ: حسرت لغاري) ٽنڊو اليهار جي زرداري ڪالوني ۾ رھندڙ غلام سرور پٺاڻ پنھنجي زال 2 ٻارن جي ماءُ 30 ورھين جي عاليه کي گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، غلام سرور جي ڀاءُ سجاد علي موجب ڀاڄائي کيس ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ چوندي ھئي، جنھن سبب ٻنھي جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پوندو ھو، اڄ اسين ڪم تي ويل ھئاسين ته خبر ملي ته ڀاءُ ڀاڄائي کي گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پھچايو، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ذريعن موجب اطلاع آھن ته پوليس غلام سرور کي گرفتار ڪري ورتو.