پشاور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي مٿان تڪراري بيان ڏيڻ تي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، رپورٽ موجب سھيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ جو ڪيس نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي اسلام آباد پاران سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سھيل آفريدي مسجدن ۾ ڪنهن معاملي بابت تڪراري بيان ڏنو، ڪيس ۾ سھيل ولد ستار کي سڌو سنئون جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، اين سي سي آءِ اي موجب محمد سھيل خلاف انڪوائري دوران سنگين الزامات سامهون آيا، جنهن رياستي ادارن خلاف ڪوڙا، گمراهه ڪندڙ ۽ توهين آميز بيان ۽ الزامن جي وڊيو پي ٽي آءِ جي يوٽيوب چينل تي شيئر ڪئي، جنهن جي عنوان هيءُ رکيو ويو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سھيل آفريدي اڊيالهه جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي، جوابدار جا رياستي ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهن، انڪوائري ۾ اهو پڻ ظاهر ٿيو ته جوابدار سوشل ميڊيا تي چڙ ڏياريندڙ مواد پکيڙي رهيوهو.