اسلام آباد (بيورو) بجلي 48 پيسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب، بجلي سيپٽمبر جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سستي ڪئي وئي آهي. واهپيدارن کي اهو رليف نومبر جي بجلي بلن ۾ منتقل ڪيو ويندو. لائيف لائن واهپيدارن کانسواءِ اهو ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ واهپيدارن تي لاڳو ٿيندو.