ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران چيو آهي ته جلد جاگيراڻي ۽ سندراڻي گينگ جا 50 کان وڌيڪ ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪري پيش پوندا جن کي اسان راضي ڪري ورتو آهي ڏوهارين جو مارجي وڃڻ پوليس جي ڪاميابي ناهي پر ڏوهن جو خاتمو ۽ امن امان جي بحالي پوليس جي پهرين ترجيح آهي رانوتي ڪچي ۾ قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ وڏي پئماني تي ڪوششون جاري آهن، عوامي آواز سان ڳالهائيندي محمد انور کيتران چيو ته جلد جاگيراڻي ۽ سندراڻي گينگ جا 50 کان وڌيڪ ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪري پوليس وٽ پيش ٿيندا جن کي اسان پيش ٿيڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي، ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي سکر سميت مختلف شخصيتون قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪوششن ۾ آهن، ڪچي ۾ شاهو ڪوش سميت نالي وارا انعام يافته ڌاڙيل مارجي ويا آهن جيڪي پوليس جوانن جي شھادتن حملن سميت سنگين ڏوهن ۾ گهربل هئا جيڪي هميشه پوليس کي موٽرويز تي ڪاروايون ڪرڻ جون سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏيندا هئا اهي پنهنجي تڪبر ۽ غرور سبب مارجي ويا آهن، منهنجي پهرين به اها ڪوشش رهي آهي ته ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪن هڪ ٻئي کي معاف ڪن پاڻ ۾ ٺاهه ڪن ۽ پنهنجي ٻارڙن جو مستقبل سنوارين پر شايد ماڻهو ٺاهه ۽ معاف ڪرڻ کي بزدلي سمجهن ٿا، علائقي جي امن امان لاءِ هتان جي لوڪل نمائندن جي پڻ ذميواري آهي هر طاقتور شخص جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجي علائقن ۾ جهيڙا فساد ختم ڪرائي امن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪن.