اپوزيشن پارٽين پاران اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس جو بائيڪاٽ

اسلام آباد(بيورو)اپوزيشن پارٽين 27هين آئيني ترميم تي غور لاءِ سڏايل قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾  شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔پارليامينٽ هائوس ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي بئرسٽر علي ظفر چيو ته اسان ترميمي مسودي جو صرف سرسري جائزو ورتو آهي، جيڪو سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ جنهن ۾ لڳ ڀڳ 50 نڪتا شامل آهن۔هن چيو ته هي رڳو ترميم نه آهي، پر 1973ع جي آئين کي عملي طور ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي هي آئين خلاف هڪ سازش آهي،هن چيو ته اسان ڪو ربڙ اسٽيمپ نه آهيون، سينيٽ ۾ پنهنجي آواز بلند ڪنداسين، ان کان اڳ سينيٽ ۾  سينيٽر بئرسٽر علي ظفر چيو ته لڳي ٿو حڪومت ۽ ان جا اتحادي پارٽيون هن بِل کي تڪڙو منظور ڪرائڻ چاهين ٿيون۔بئرسٽر علي ظفر جو چوڻ هو ته سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي تقرري کان اڳ 27هين ترميم تي بحث ۾ حصو وٺڻ ممڪن ناهي، ڇو⁠ته  اپوزيشن جي نمائندگي کانسواءِ اهڙي اهم آئيني ترميم تي بحث غير متوازن ٿيندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.