اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، پر بدقسمتي سان هي ڏينهن ناڪاري معنيٰ ۾ تاريخ جو حصو بڻجي ويندو. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اهڙا به آهن جن کي ياد ڪندي قوم افسوس ڪندي آهي اڄ جو ڏينهن ڏک ۽ تڪليف جي انهن ڏينهن ۾ ڳڻيو ويندو. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 13 مهينن ۾ ٻي آئيني ترميم متعارف ڪرائي پئي وڃي. 26هين ترميم ڊگهي سياسي ڳالهين، صلاح مشورن ۽ اتفاق راءِ کان پوءِ منظور ڪئي وئي. پر اڄ اسان ساڳئي ترميم کي واپس ڪرڻ وارا آهيون، جيڪو افسوسناڪ ۽ پريشان ڪندڙ آهي. هن چيو ته 27هين ترميم اڪثريت جي زور تي آندي پئي وڃي هي رويو سياسي شرافت جي خلاف آهي. هن چيو ته جي يو آءِ-پاڪستان هاڻي هن سياسي دوکي کان پوءِ پنهنجي حڪمت عملي جو ٻيهر جائزو وٺندي. اسان سان ڪيل واعدي جي ڀڃڪڙي کان پوءِ، پارٽي فيصلو ڪندي ته ڇا اسان اڃا تائين 26 هين ترميم جي ذميواري کڻي سگهون ٿا يا نه؟