ڪراچي (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرز فورم جي طرفان ڇنڇر ڏينهن پاڪ آمريڪن ڪلچر سينٽر ۾ مالياني ايوارڊ ـ سنڌ جو حصو ۽ احتساب جي عنوان هيٺ هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافين، اديبن، دانشورن، محققن، تجزيه نگارن، وڪيلن، استادن، شاگردن ۽ سياستدانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مڪالمه کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته وفاق ۾ اسين خيرات گهرڻ وارا نه، پر ڀائيوار آهيون. اسان جي ٻولي جيڪا عدليه، آفيسن ۽ تعليم ۾ رائج هئي، ان کي ختم ڪيو ويو. اسان جي نه داخلا پاليسي ٺيڪ آهي نه خارجه پاليسي، ڪشمور کان ڪراچي تائين اسين غير محفوظ ٿي ويا آهيون.هن چيو ته ڪراچي اسان جو واپاري ۽ سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ آهي، جتي ٽينڪر مافيا جو راڄ آهي ۽ ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪينگرو پارليامينٽ وسيلي ڪينگرو ڪورٽون ٺهي ويون آهن. سڄي پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي، آئين جي حڪمراني ۽ شفاف چونڊن لاءِ اسين ڀرپور جدوجهد ڪنداسين. اقتصادي ماهر قيصر بنگالي خطاب ڪندي چيو ته جيڪي 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ آندا هئا، انهن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. شاهه خرچيون پوريون ڪرڻ لاءِ وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. 18هين ترميم کان پوءِ 17 وزارتون بند ٿيڻ گهرجن هيون، پر نه ٿيون. ملڪ هاڻي بينڪ ڪرپٽ ٿي چڪو آهي، هن چيو ته رياست ميڊيا ۽ عدليه ٻنهي کي ڪنٽرول ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انهن ذريعن وسيلي به ڪجهه نٿو ٿي سگهي. واحد حل هاڻي روڊن تي نڪرڻ آهي. هر صوبي ۾ عوام کي لوٽيو پيو وڃي، اسان کي عربن جو غلام بڻايو پيو وڃي. اسد عمر وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته آئين ۾ اين ايف سي ايوارڊ جو واضح طريقه ڪار ڏنل آهي، پر صوبن جا وسيلا واپس وفاق ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا غلط آهي مشتاق ميراڻي چيو ته اين ايف سي ۾ ماهر عملي کي شامل ڪيو وڃي. پاڪستان جي جي ڊي پي هر صوبي جي حساب سان الڳ الڳ طئي ڪئي وڃي ۽ هر صوبي ۾ صوبائي فنانس ڪميشن جوڙيو وڃي.ايڊووڪيٽ شهات اوستو چيو ته اڄ ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، مجوزه 27هين ترميم ۾ سنڌ لاءِ تباه ڪن شرطون شامل آهن. دنيا ۾ ڪٿي به هڪ ملڪ ۾ ٻه سپريم ڪورٽون ناهن هونديون.مڪالمه کي رمضان ٻرڙو ۽ ٻين مقرررن به خطاب ڪيو.