ڪراچي(رپورٽ: عرفان بلوچ ) ڪراچي ۾ هوائي فائرنگ، اٺ سالن جو نينگر مارجي ويو، پوليس جي فوري ڪارروائي، فائرنگ ۾ ملوث هڪ جوابدار گرفتار، پوليس موجب گلبرگ پوليس اسٽيشن جي حد ۾ گجر نالا ڪچي آبادي ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ اٺ سالن جو مهتاب پٽ عطا حسين مارجي ويو، پوليس موجب ايم ايل او عباسي شهيد اسپتال مان شروعاتي رپورٽ ملي ته گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٻار مارجي ويو، جاچ دوران معلوم ٿيو ته فائر ٿيل گولي پهرين گهر جي دروازي ۾ لڳڻ بعد گهر ۾ موجود ٻار جي ڪلهي ۾ لڳي، جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. پوليس موجب واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي اهو ظاهر ٿيو ته گجر نالا جي ٻئي پاسي ڪراچي بچايو آفيس ۾ پارٽي دوران فائرنگ ڪئي وئي، آفيس عارف شاهه نالي هڪ شخص هلائي ٿو، جيڪو محتسب جي آفيس جو ملازم آهي، ڪارروائي ڪري اعجاز کي حراست ۾ ورتو ۽ سندس نشاندهي تي فائرنگ ڪندڙ شخص عارف شاهه کي گرفتار ڪيو، جوابدار جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو.