ايم ڪيو ايم جو پ پ کي وڏو ڌڪ، مڪاني ادارا وفاق جي ڪنٽرول ۾ هليا ويا؟

اسلام آباد (معظم فخر) 18هين ترميم ۾ مڪاني نظام کي صوبن حوالي ڪيو ويو هو. هر صوبي ان مان پنهنجي سهولت سياسي فائدو ورتو، سمورو ڪنٽرول صوبائي حڪومتن وٽ رهيو. هاڻي 27هين آئيني ترميم ۾ آرٽيڪل 140 اي ۾ ترميم عوامي نمائندگي کي يقيني بڻائيندي. ان جي نتيجي ۾ مڪاني نظام وڌيڪ طاقتور ٿيندو. ان تبديلي سان مڪاني کاتن کي صوبائي حڪومتن بدران آئين ۽ وفاق جي تابع ڪيو ويو آهي. انهن کي  وفاق ذريعي اختيار ملندا ۽ انهن کي ٽوڙڻ يا غير فعال ڪرڻ صوبي جي اختيار ۾ نه هوندو، ان لاءِ وفاق کان اجازت وٺڻي پوندي. ان کان اڳ ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ معاهدو ٿيو هو ته مڪاني ادارن جي اختيارن کي صوبن بدران وفاق جي ماتحت ڪيو وڃي. اهڙي ترميم 26هين ترميم ۾ شامل نه هئي پر هاڻي شامل ٿي آهي. 27هين ترميم ۾ مڪاني ادارن کي مالي، انتظامي ۽ قانونسازي جا مڪمل اختيار ڏيڻ ۽ 120 کان وڌيڪ مڪاني چونڊون ملتوي نه ڪرڻ لاءِ آئيني ضمانت کي به تجويز ڪيو ويو آهي. صوبائي حڪومتون مڪاني چونڊون ملتوي نه ڪري سگهنديون. اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪيو ويندو ته مقرر وقت تي چونڊون ڪرائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.