ملڪ کي بهترين مڪاني نظام ڏيو:ايمل ولي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ جاري اجلاس دوران اي اين پي جي سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته اهڙو ڪو قانون منظور نه ڪيو ويندو، جنهن سان صوبن جا آئيني اختيار گهٽجن يا انهن جي خودمختياري متاثر ٿئي،هن چيو ته حڪومت جو بنيادي مقصد عوامي ڀلائي هجڻ گهرجي، ۽ حڪومت نالو ئي بلديات جو  آهي، تنهنڪري ملڪ کي هڪ بهترين بلدياتي نظام ڏيڻ جي ضرورت آهي،هن وڌيڪ چيو ته  اسان هتي ان لاءِ آياسين ته آئيني ۽ قانون سازي جي عمل ۾ حصو وٺون، هر ڳالهه جي مخالفت ڪرڻ اسان جو مقصد ناهي۔”سندس چوڻ هو ته “اسان حڪومت کي يقين ڏياريون ٿا ته جتي اسان جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو، اتي اسان پنهنجي تجربي ۽ سمجهه سان مثبت راءِ ضرور ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.