اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) يوٽيوب تي پروگرام ٿرڊ امپائر ۾ تبصرو ڪندي صحافي حبيب اڪرم، اجمل جامي ۽ اڪبر باجوا چيو آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز 2030 تائين نه پر اهو معاملو اڳتي نڪري چڪو آهي. اهو چيو ويو آهي ته فيلڊ مارشل تاحيات رهندو. اهو به چيو ويو آهي ته ڪمانڊ جي حوالي سان حڪومت ڪو نه ڪو انتظام ڪري سگهي ٿي. چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي 27 نومبر تي رٽائر ٿيندو جنهن کانپوءِ فيلڊ مارشل عاصم منير سي ڊي ايف بڻجي ويندو ۽ اهو 5 سالن لاءِ هوندو پر تاريخ جي حوالي سان شڪ هميشه برقرار رهندو. هاڻي باقاعده ڪمانڊ اسٽريڪچر تبديل ٿي چڪو آهي، اوهان پسند ڪريو يا نه ڪريو، هاڻي تاريخون اهم ناهن رهيون، تاريخ رڳو آئيني ترميم جي آهي، تاريخن جو اختيار حڪومت وٽ نه هوندو. هاڻي تاحيات وردي به نه لهندي ۽ معاملا اڳتي به هلي سگهندا ته پوءِ وڌيڪ بحث جي گنجائش نٿي رهي. مستقبل ۾ ڪا به سياسي تبديلي ٿئي، اها فوج تي اثرانداز نه ٿئي، ان جو علاج به ڪيو ويو آهي، مثال طور سڀاڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت اچي وڃي ته اها ڪجهه ڪري نه سگهي. وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ ايوان ۾ سادي اڪثريت گهرجي، سي ڊي ايف کي هٽائڻ لاءِ اوهان کي صدر واري صورتحال گهرجي. هاڻي اوهان سمجهي ويندا ته طاقت جو توازن ڪيڏانهن ويو آهي. سپريم ڪورٽ رڳو عدالتي نظرثاني جو فورم بڻجي وئي آهي. پاڪستان ۾ عدالتي اختيار محدود ٿيڻ سان ان جي ڪري وڏي سيڙپڪاري نه ايندي. 28هين ترميم ۾ اين ايف سي وري ايندو ۽ صوبا به اچي ويندا.