اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر سان واسطو رکندڙ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم آئين کي تڪراري بڻائي ڇڏيندي، اها ترميم آئينِ پاڪستان جي سالميت تي سڌو حملو آهي، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي راجا ناصر عباس چيو ته هي پارليامينٽ پاڪستان جي نمائنده ناهي، اهڙي ترميم سان پارليامينٽ جي حيثيت ختم ٿي ويندي، هن سوال اٿاريو ته آخر ڪهڙي جلدبازي آهي؟ ٻن ڏينهن ۾ ترميم تي فيصلي لاءِ ڇو چيو پيو وڃي؟ 1973ع ۾ جيڪو آئين آيو، اهو نئين پاڪستان جو آئين هو، جڏهن ته 18هين آئيني ترميم تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويو هو، 26هين آئيني ترميم وقت به ماڻهن کي کڻي وڃڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ پارليامينٽ جو مذاق اڏائڻ واري عمل سان آئين کي تڪرار بڻايو ويو.