ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب خلاف توهين عدالت جي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت اڳ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) جا معاهدا غيرقانوني قرار ڏنا هئا، پر ميئر ڪراچي عدالتي فيصلن جي خلاف ورزي ڪندي پارڪ تي ڪمرشل سرگرميون جاري رکيون آهن،ساڳئي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ميئر ڪراچي فلاحي پلاٽس واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ سبب توهين عدالت جو مرتڪب آهي، جماعت اسلامي عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته ميئر خلاف فوري ڪارروائي لاءِ ٻڌڻي ڪئي وڃي.