ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، 2 زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ مختلف علائقن ۾ پيش آيل ٽريفڪ حادثن ۾ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا، ڊاڪس جي  نيٽي جيٽي پل تي چورنگي ويجهو هڪ ٽرالر موٽر سائيڪل سوار کي ٽڪر هنيو جنهن نتيجي ۾ 47 سالن جو هيرا لال فوت ٿيو ۽ 55 سالن جو رام جي زخمي ٿي پيو، ايڌي ايمبولينس ذريعي لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو، بهادر آباد شاهراهه فيصل ڪار ساز جي ويجهو هڪ تيز رفتار ڪار واٽهڙو نوجوان باغ چند ٽڪر هنيو، نوجوان فوت ٿي ويو، ٽيپو سلطان علائقي ۾ شاهراهه فيصل تي ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي فٽ پاٿ سان ٽڪرائي ڪلٽي ٿي پئي، ڪار ۾ سوار 24 ورهين جي ماهم زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.