فيض گنج (ن ع آ) 27ھين آئيني ترميم آڻڻ جو مقصد پاڪستان جي خالق صوبي سنڌ جو تاريخي وجود ۽ نالو نشان ختم ڪري نون انتظامي يونٽن جي نالي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد اسٽيبلشمينٽ جي پاليل ۽ تيار ڪيل دھشتگرد ٽولي ايم ڪيو ايم حوالي ڪرڻ ۽ باقي ضلعا به سردارن ۽ جاگيردارن کي ڏيڻ آھي. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار ،حسين سومرو ۽ سارنگ راجا صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. اڳواڻن چيو جمھوريت جي نالي ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي ضيائي، ايوبي ۽ مشرفي مارشلا کان وڌيڪ جمھوريت تي حملو ڪري ڊڪٽيٽرشپ کي قانوني ۽ آئيني تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي. پيڪا ايڪٽ، دھشتگردي جي نالي ۾ ايف آئي آر کان سواء ڪنھن ماڻھو کي شڪ جي بنياد تي کڻڻ جھڙا ڪارا قانون مڙھيا آھن. اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار جي لالچ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان سنڌ جي تاريخي وجود ۽ وسيلن تي مدد خاني حملو ڪيو آھي.