آئيني ترميم ۾ سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي قبضو قبول نه ڪنداسين:قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو، حيدر ملاح، خدابخش درس، ڄام شوڪت ابڙو، گوتم چنا، سحر رضوي، خير محمد مگسي، اعجاز سامٽيو، اطهر شاه ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، وفاقي حڪومت جي پاليسين، ۽ مجوزه 27هين آئيني ترميم تي تفصيلي غور ڪيو ويو.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ کي نون بحرانن ۾ ڌڪڻ بدران حڪمرانن کي گهرجي ته ملڪ جي سڀني صوبن ۽ قومي اڪائين کي برابري جي بنياد تي سندن آئيني، اقتصادي ۽ سياسي حق ڏنا وڃن. سنڌ ترقي پسند پارٽي واضح طور تي چئي ٿي ته جيڪڏهن 27هين آئيني ترميم سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ مجموعي قومي مفادن جي ابتڙ هوندي ته سنڌ ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. سنڌ جي وحدت، خودمختياري ۽ وسيلن تي ڪنهن به قسم جي ڇيڙڇاڙ کي سازش سمجهيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.