پ پ آئيني عدالت جي قيام جي حمايت ڪئي آهي: شازيا مري

ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي صوبائي خودمختياري جي عزم کي ورجايو آهي. جڏهن ته  آئيني عدالت جي قيام جي حمايت ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پيپلزپارٽي آرٽيڪل 3.160 ۾ ترميم کي رد جڏهن ته آرٽيڪل 243 بابت تجويز جي حمايت جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ آهي ته پ پ حڪومت سان رابطي ۾ رهندي ته جيئن ميثاق جمهوريت جي ٻئي ايجنڊا تي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي. ميثاق جمهوريت تي عملدرآمد کي جمهوريت جي استحڪام لاءِ هاڪاري قدم قرار ڏنو ويو. شازيا مري چيو ته ڪجهه تجويزن تي غور جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.