ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)27هين ترميم تي سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي پيو آهي،صحافي عمر چيما لکيو ته ايئر فورس ۽ نيول چيف کي آرمي چيف جي ماتحت ڪيو پيو وڃي؟آفرين آهي انهن جي عقل ۽ دانش تي، جيڪڏهن توهان ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز جو عهدو ٺاهيو آهي ته ان کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي جاءِ تي رکڻ گهرجي، بجاءِ ان جي ته ڪمانڊر ۽ آرمي چيف هڪ ئي شخص کي بڻايو وڃي، هي انتهائي غير موزون قدم آهي،صحافي انصار عباسي لکيو ته ڪاش اسان جا جج هن ملڪ جي غريب عوام کي جلد ۽ سستو انصاف فراهم ڪن ها،،پ پ ايم اين اي علي موسيٰ گيلاني لکيو ته پاڪستان جي آبادي جو 95 سيڪڙو ماڻهن آئين ۽ ڪنهن به ترميم بابت بي پرواهه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي انهن جي روزمره جي زندگي تي اثرانداز نٿا ٿين. انهن کي صرف مهانگائي، روزگار، خوراڪ ۽ رهائش جي پرواهه آهي. انصاف هميشه تڪڙو هوندو آهي جڏهن ڪو ذاتي يا سياسي قصد هجي، جيئن پناما ڪيس ۾ ڏٺو ويو. غريب ماڻهن لاءِ انصاف هميشه هڪ دور جو خواب رهيو آهي. تجويز ڪيل ترميم ممڪن آهي ته يقيني بڻائي ته انصاف وقت سر مهيا ٿئي صحافي مبشر زيدي لکيو ته جنرل کي ريٽائرمينٽ جو نٿو چئي سگهجي، ججن کي انصاف جو نٿو چئي سگهجي، صحافين کي حقيقتن جو نٿو چئي سگهجي، واپارين کي ٽيڪس تي مجبور نه ٿو ڪري سگهجي، ۽ عوام پنهنجن حقن لاءِ آواز به نه اُٿاري سگهي.هي آهي مملڪت خدادپاڪستان، انوني ماهر رِيما عمر چيو آهي ته جيڪو جج بدلي کي قبول نٿو ڪري، ان کي ريٽائر ڪرڻ هڪ اهڙي عملي قدم وانگر لڳي ٿو، جيئن اختلاف رکندڙ ججز کي هٽايو پيو وڃي،تجزئي نگار شمع جوڻيجو لکيو ته رڳو صدر کي نه وزيراعظم کي به فوجداري ڪيسن کان استثنيٰ جي ترميم پيش ڪئي وئي،ان جو اصل فائدو مستقبل ۾ عمران خان کڻندو،ارڙهين ترميم ۾ ترميم بهانو هو،27هين ترميم ئي اچڻي هئي،حسنات ملڪ لکيو ته ان ترميم ذريعي ن ليگ ۽ پ پ وزيراعظم شهبازشيف جو عهدو تاحيات ڪري پئي سگهيا،موجوده پارليامينٽ جو مدو به 5 سالن کان 10 سال وڌائي پئي سگهيا پر جمهوري روايتن کي نظر ۾ رکيو ويو،اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته نئين ترميم آرمي چيف کي وڌيڪ طاقتور بڻايو،وزيراعظم ۽ عدليه وڌيڪ ڪمزور ٿي،ليکڪ نوريٰ الهديٰ شاهه لکيو ته عوام کان عاري اقتدار،زوال جي پهرين ڏاڪڻ آهي،ڪامران مرتضيٰ چيو ته آئين شخصيتن لاءِ نه بلڪه نسلن لاءِ بڻايو وڃي ٿوپر افسوس ته اڄ دستور کي شخصيتن کي تابع ڪيو پيو وڃي.