لاهور (امداد سومرو) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم ۾ 35 شقون رد ڪيون ويون ۽ حڪومت واپس ورتيون هيون هاڻي اهي ٻيهر آنديون پيون وڃن، جن کي قبول نه ڪنداسين. يعنيٰ جيڪا شئي رد ٿي هئي وري اچي وئي، ٻيهر رد ٿيندي ته وري اچي ويندي. ن ليگ وٽ هن وقت اڪثريت ناهي پر جڏهن اڪثريت ملي وئي يا هنن عمران خان سان ڊيل ڪئي ته عمران خان آزادي لاءِ ڊيل ڪري وٺندو. عمران خان لاءِ اهو سودو نقصان وارو هوندو پر ان فارمولي تحت ن ليگ کي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت ملي ويندي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ ٿيندو جيئن گذريل 8 فيبروري ۾ ٿيو هو اهو ورجايو ويندو. يعنيٰ 2029 ۾ ائين ٿي سگهيو ته اهڙي اسيمبلي اچي جيڪا 18هين ترميم کي واپس ڪري ۽ ڪو اعتراض ڪرڻ وارو نه هجي يا وري تمام گهٽ امڪان آهي ته مارشل لا هنيو وڃي. يعنيٰ آرٽيڪل 243 تي ترميمن کانپوءِ چون ته هاڻي اوهان جي ضرورت ناهي، اوهان صوبائيت پکيڙي رهيا آهيو.