اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي بابت ضمانت مليل آهي:بئرسٽر گوهر

اسلام آباد (م ڊ) پاڪسستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوہر چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ گارنٽي ڏني وئي هئي ته صوبن جو حصو اڳين حصي کان گهٽ نه ٿيندو، ۽ ڇو تہ اسانجو عددی تعداد وڌيڪ آهي، انڪري 74 ميمبرن جي صحيح کان پوءِ اسانجو اپوزیشن  ليڊر ٿيڻ گهرجي.اهو بيان هن پي ٽي آءِ جي وفد جي اسپيڪر قومي اسمبلي سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏنو. ملاقات ۾ هن سان گڏ اسد قيصر، جنيد اڪبر ۽ عاطف خان پڻ موجود هئا، جتي اپوزیشن ليڊر جي تعينات جي عمل تي مشاورت ڪئي وئي. بیرسٹر گوهر چيو تہ اسان اسپيڪر کي ٻڌايو آهي تہ اسان رولز مطابق رڪيويزيشن جمع ڪرائي چڪا آهيون، ۽ اپوزیشن ليڊر جو حق انهن ماڻهن جو آهي جيڪي اپوزیشن بينچز تي ويٺا آهن. عددی تعداد وڌيڪ هجڻ جي سبب، 74 ارڪن جي دستخط کان پوءِ اسانجو اپوزیشن ليڊر ٿيڻ گهرجي. اسپيڪر اسان کي چيو ته اپوزیشن ليڊر جو معاملو عدالت ۾ هو، ۽ سپريم ڪورٽ کان نوٽيس آيو هو. اسپيڪر چيو تہ جئين ئي سپريم ڪورٽ کان ڪاپي ملي ٿي، ان تي اڳتي وڌڻ ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.