27هين ترميم سان نئون ون يونٽ قائم ڪيو ويندو:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو پنھنجي پريس پڌرائي ڄاڻايو آهي ته  قومي عوامي تحريڪ پاران 27 ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي امڪاني حملي، ڪارپوريٽ فارمنگ ،پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪوهستان جي زمينن تي قبضن، بدامني لاقانونيت ۽ منشيات خلاف (اڄ) ٿاڻو بولا خان  ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي محبت سنڌ پيادل مارچ ۽ جلسي عام ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو آھي ته  27ھين ترميم ذريعي جمھوري قدرن تي راتاهو ھنيو ويندو. سول بالادستي کي ختم ڪيو ويندو. لوڪل باڊيز کي وفاقي حوالي ڪري نئون ون يونٽ قائم ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي جمھوريت جي پٺ ۾ خنجر ھڻي رھي آھي. سنڌ جي وحدت ۽ وسيلا وڪڻي بلاول کي ايندڙ وزيراعظم بنايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.