پ پ پاران آرٽيڪل 243 ۾ ترميم۽ آئيني عدالتن جي حمايت 

ڪراچي(رپورٽر )پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت، آرٽيڪل 243 ۽ ججز جي بدلين بابت اتفاقِ راءِ موجود آهي، جڏهن⁠ تہ صدر پاڪستان جي اختيارن يا سول بالادستي تي ڪو به اثر نٿو پوي. هن اھڙو اظهار جمعي جي شام بلاول هائوس ۾ پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس کان پوءِ هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.بلاول ڀٽو  زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي آرٽيڪل 243 تي حڪومت جي حمايت ڪندي، آئيني عدالت جي قيام جي به حق ۾ آهي، جڏهن⁠ تہ “ميثاقِ جمهوريت” ۾ شامل ٻين نڪتن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ تجويز ڪيل ترميم لازمي طور منظور ٿيڻ گهرجي، ۽ اسان اصولي طور تي آئيني عدالت جي حمايت ڪنداسين، البت اهو ڏسنداسين ته وڌيڪ ڪهڙن نڪتن تي اتفاق ٿي سگهي ٿو.پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته پارٽي ججز جي بدلين بابت پنهنجي تجويز تيار ڪئي آهي، جنهن موجب جنهن عدالت مان جج جي بدلي ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن عدالت ڏانهن بدلي ٿيڻ گهرجي، ٻنهي عدالتن جا چيف جسٽس ان ڪميشن جا ميمبر بڻايا وڃن، جيڪو بدلي  بابت فيصلو ڪري، ۽ اهو ڪميشن لاڳاپيل جج کي سڏي سندس راءِ به طلب ڪري سگهي ٿي.هن چيو ته “ٻٽي شهريت، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين معاملن تي پارٽي اندر اڃا اتفاق راءِ پيدا نه ٿي سگهيو آهي، تنهنڪري هن وقت اسان آئيني ترميم جي باقي نڪتن جي حمايت نٿا ڪري سگهون.”بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين ايف سي تحت صوبن جو حصو وڌي سگهي ٿو، گهٽ نٿو ٿي سگهي ۽ ان جو تحفظ پيپلز پارٽي ڪندي. هن چيو ته پارٽي بلدياتي چونڊن کي اوليت ڏئي ٿي، ۽ آئيني تحفظ به پيپلز پارٽي جي ڪوششن سان مليو، پر اسان غيرجماعتي بلدياتي چونڊن جي مخالفت ڪندا رهيا آهيون.هن واضح ڪيو ته 27هين آئيني ترميم سان صدر پاڪستان جي اختيارن تي ڪو به اثر نه پوندو. ججز جي بدلين بابت هن ٻڌايو ته حڪومت جي تجويز موجب هاڻي بدلي جو فيصلو پارلياماني ڪميٽي ڪندي، جڏهن⁠ تہ آئين ۾ لکيل آهي ته صدر پاڪستان جج جي رضا ۽ چيف جسٽس جي مشوري سان بدلي ڪري سگهي ٿو.بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي جي تجويز آهي ته جڊيشل ڪميشن ۾ چيف جسٽسز صاحبان کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي ۽ اهو ڪميشن بدلي بابت فيصلو ڪري، جڏهن⁠ تہ بدلي کان اڳ جج کي ٻڌڻ جو حق پڻ ڏنو وڃي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته “ٻٽي شهريت ۽ ايگزيڪيوٽو ميجسٽريٽ” بابت به پارٽي اندر اتفاق راءِ پيدا نه ٿي سگهيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته “ٽن چئن نقطن تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، تنهنڪري ستاويهون ترميم انهن بنيادن تي منظور ٿي سگهي ٿي، پر اين ايف سي ۽ 18هين ترميم بابت جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) يا ٻي ڪا ڌر ٻہ ڀاڱي ٽي سان اڪثريت حاصل ڪري سگهي ٿي ته ڪري، پر پيپلز پارٽي انهن ٻنهي تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪندي.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي اختيار موجود آهن ۽ ملڪ جو سڀ کان مضبوط بلدياتي نظام به سنڌ جو آهي. هن چيو ته خدانخواستہ جيڪڏهن ڪا قومي آفت ايندي ته صدر ۽ وزيراعظم سڀني صوبن جي مدد ڪندا، ۽ اين ايف سي ذريعي سڀني صوبن کي پنهنجو حصو ملندو.هن چيو ته اين ايف سي بابت اسان جو موقف بلڪل واضح آهي. وفاق کي معاشي مشڪلاتون آهن، پر ان جو حل صوبن جو حق گهٽائڻ نه آهي. اين ايف سي ايوارڊ تي جيڪي تنقيدون ٿي رهيون آهن، اهي بيجا آهن، ڇو⁠تہ اين ايف سي ايوارڊ ته 18هين ترميم کان اڳ ڏنو ويو هو.بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته 18هين ترميم تحت صوبن کي جيڪي ذميواريون مليون آهن، انهن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي.هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ آواز سنڌ مان اٿن ٿا، ۽ سنڌ جو عوام اين ايف سي جي حق ۾ آهي. وفاقي بيوروڪريسي ۽ ايف⁠ بي⁠ آر جي ناڪاميءَ باوجود، اين ايف سي ايوارڊ صوبن کي پنهنجو حق ڏيڻ وارو فيصلو آهي، جنهن جو پيپلز پارٽي هر صورت ۾ تحفظ ڪندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.