27 هين ترميم ۾ 18هين ترميم ۽ اين ايف سي جو ذڪر ئي نه هو؟

ڪراچي (حنيف دوامي) پاڪستان پيپلز پارٽي 27هين آئيني ترميم بابت پنهنجي ڪارڪنن ۽ ووٽرن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ پارٽي اجلاسن ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ترميمي بل جي منظوري ۾ رنڊڪ بڻجي حڪومت کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهو بل پارليامينٽ ۾ منظور نه ڪري. حقيقت ۾، 27هين آئيني ترميم جو مسودو پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنهنجي خواهشن ۽ درخواستن مطابق تيار ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت پاران تيار ڪيل مسودي ۾ نه 18هين ترميم جو ذڪر هو ۽ نه ئي اين ايف سي ايوارڊ جو ڪو حوالو ڏنو ويو. تنهن هوندي، پيپلز پارٽي جي منشا سبب ان ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم جو ذڪر ڪيو ويو آهيته جيئن پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي فائدن لاءِ ان تي احتجاج ڪري سگهي ۽ پوءِ وفاقي حڪومت اهو چوندي ته اسان 27هين ترميم مان 18هين ترميم بابت ترميمون ڪڍون ٿا ۽ ٻيون ترميمون منظور ڪيون وينديون. اهڙي ريت پيپلزپارٽي جي فيس سيونگ ٿي ويندي. اهو سڀ 27هين ترميم ۾ ٻين نقطن جي حمايت سبب ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ نون جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته 27هين آئيني ترميم جو مسودو  پيپلز پارٽي جي ماهرن جي مشورن سان تيار ڪيو ويو آهي. سندن چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي آئيني ماهرن جو مسودي جي تياري ۾ مڪمل طور تي شامل هجڻ سبب، ان ۾ اين ايف سي ۽ 18هين ترميم شامل ڪئي وئي آهي. پارٽي ۾ موجود اهم شخصيتن جو خيال آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي فيس سيونگ ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جئين عوام ۾ پنهنجو هاڪاري تاثر قائم رکڻ لاءِ پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪري سگهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 08 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.