لاهور(م ڊ)اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان چيو ته آئين جي آرٽيڪل 243 جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته سڀني فوجن جو سپريم ڪمانڊر فیلڊ مارشل عاصم منير هوندو، اهڙو ڪجهه ناهي. سڀني فوجن جو سپريم ڪمانڊر صدرِ مملڪت ئي رهندو، ان ۾ ڪا به ترميم ناهي ٿي رهي. خصوصي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ضروري آهي، ڪجهه آئيني ترميمن جي ضرورت هوندي آهي، جيئن 26هين آئيني ترميم جو اچ ۾ ناگزير هو. هن ترميم ذريعي اهي ججز جيڪي پنهنجي مرضي سان "پڪ اينڊ چونڊ” ڪندا هئا، هاڻي اهو اختيار پارليامينٽ کي منتقل ٿي چڪو آهي، ڇو ته پارليامينٽ ئي سڀني کي بااختيار بڻائي ٿي. آرٽيڪل 243 جي حوالي سان بحث جاري آهي، پر منهنجي مطابق آرٽيڪل 243 ۾ ڪا ترميم ناهي ٿي رهي، فوجن جو سپريم ڪمانڊر صدرِ پاڪستان ئي رهندو.