هراسمينٽ جي ڪيسن ۾ 37 سيڪڙو واڌ ٿي آهي:فوزيا وقار

ڪراچي (رپورٽر ) وفاقي محتسب اعلي جي عورتن، کدڙن فقيرن ۽ ٻين شهرين سان ڪم ڪار جي جاين تي ٿيندڙ هراسمينٽ  کان تحفظ ڏيندڙ اداري جي سربراهه فوزيه وقار ڪالهه شام جو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عورتن سان ٿيندڙ هراسمينٽ جي ڪيسن ۾ گذريل ٽن مهينن ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسان جي اداري ۾ هراسمينٽ جا هن سال 1310 ڪيس اچي چڪا آهن، جن مان 73 سيڪڙو ڪيس حل ڪيا ويا آهن ۽ 50 سيڪڙو ڪيسن ۾ سزائون به ٻڌايون ويون آهن، هن چيو ته  وفاقي محتسب اعليٰ وٽ سنڌ ۾ گهٽ ڪل 88 شڪايتون آيون آهن، ان جو سبب عورتن جي فرياد ٻڌڻ لاءِ ٻيا ادارا به موجود آهن، هن وڌيڪ چيو ته جيڪي پڙهيل لکيل ماڻهو به صنفي بنياد تي عورتن جي عمر وڌڻ تي انهن جي هارمون جي تبديليءَ جي بنياد تي عورت کي ذهني جسماني طور گهٽ يا ڪمزور سمجهن ٿا، انهن جي اها ڳالھ غير سائنسي، عقل علم جي گهٽتائي جو سبب آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.