اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا جو گذريل ڏينهن رٿيل اجلاس اوچتو ملتوي ڪيو ويو. ذريعن موجب، اجلاس ۾ ستاويهين آئيني ترميم جي منظوري ڏيڻي هئي. سڀني ڪابينا ميمبرن کي اجلاس جي ملتوي ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو پر سبب سامهون نه اچي سگهيا. ذريعن موجب، ڪابينا اجلاس جو نئون شيڊيول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. ٻئي پاسي سينيٽ ۾ 27هين آئيني ترميم پيش ڪرڻ جو فيصلو به ملتوي ڪيو ويو. ترميمي بل گذريل ڏينهن پيش ڪرڻو هو، پر پيپلزپارٽي جي سي اي سي ۾ مشاورتي عمل سبب اهو اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو. ذريعن موجب، آئيني ترميمي بل اڄ يا ان کانپوءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو پر حتمي فيصلو پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.