جيئي سنڌ محاذ ۽ عوامي تحريڪ پاران حملي جي مذمت

حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو سنيئر وائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو وائيس چيئرمين نواز شاهه  ڀاڏائي جنرل سيڪريٽري غفارميرجت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنھل جمالي ماليات سيڪريٽري رمضان ماڇي پريس سيڪريٽري اياز سولنگي ربطا سيڪريٽري ڪمال مھر گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته شھيد ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي قتل جي  شاهد ۽ وڪيل مٿان ٿيل فائرنگ قابل مذمت آهي اها فائرنگ انهن ئي ڪئي آهي جيڪي ان قتل ۾ ملوث آهن ۽ روپوش طاقتور آهن جنهن ۾ ڊي آءِ جي ٻه ايس پي اڳوڻو سي آئي انچارج ميرپورخاص ۽ ٻيون قتل ۾ ملوث ڌريون وارثن کي خوفزده ڪن ٿيون انهن اڳ ۾ گرفتار ٿيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار کي قتل ڪري جرم ڪيو ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جو عدالت کان مٿاهون قتل هيو هاڻي جڏهن اهو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي ڪيس سگهارو ٿيو ٻئي پاسي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن نور ڪاتيار ۽ ٻين ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀار ۽ ايڊووڪيٽ اعجاز هاليوٽو تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي اڳواڻن مذمت ڪندي چيو ته هي حملو ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي سازش آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.