ڊمپر جي ٽڪر ۾ شهري فوت ٿيڻ وارو معاملو:مظاهرين تي ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) گارڊن رام سوامي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ شهري جي مارجڻ واري معاملي تي پوليس ڊمپر کي ساڙڻ جي الزام  ۾ اڻڄاتل مظاهرين تي چوٿون ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جيڪو دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته شهري کي چيڀاٽڻ ۽ سرعام فائرنگ واري ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل نه ڪيا ويا هئا. شاهزيب حادثو ڪيس ۾ 20 کان 25 مظاهرين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ دهشتگردي ٽوڙ، ڀڄ ڊاهه ۽ نجي عمارتن کي نقصان جا قلم شامل ڪيا ويا. پهريون ڪيس شاهزيب جي پيءُ جي فرياد تي داخل ٿيو هو، ٻيو ڪيس ڊمپر ايوسيئيشن جي صدر لياقت محسود ۽ سندن گارڊن خلاف سماجي اڳواڻن جي فرياد تي داخل ٿيو هو. ٽيون ڪيس ڌمڪي جوڳي بيان تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪامران فاروقي خلاف داخل ٿيو هو، چوٿون ڪيس هاڻي داخل ڪيو ويو. ٻئي پاسي سيشن عدالت لياقت محسود جي عبوري ضمانت ۾ 10 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت لياقت محسود جي گارڊ معراج جي به ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت جوابدار کي 30 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. هڪ ڏينهن اڳ ڊمپر ڊرائيور  نياز الله جي به 30 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ٿي هئي. هوڏانهن علائقي واسين ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر لياقت محسود جو سي آر او ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.