اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)اڳوڻي پ پ سينيٽر فرحت الله بابر ٽوئيٽ ڪيو آهي ته تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم بابت اهو رپورٽ ڪيو پيو وڃي ته اها ترميم شايد پاڪستان جي سياسي ۽ انتظامي نظام تي اسٽيبلشمينٽ جي باقاعده بالادستي کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڪوشش هجي، جيڪو هڪ ڊگهي عرصي کان ادارتي خواهش طور ڏٺو ويندو رهيو آهي،هن لکيو ته هن ترميم بابت سڀ کان وڏي ڳڻتي اين ايف سي ايوارڊ سان لاڳاپيل آهي۔ جيڪڏهن اين ايف سي فارمولو تبديل يا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها ننڍن صوبن ۾ شديد ردعمل ۽ ناراضگي پيدا ڪندي،تنهن هوندي به،جيڪڏهن NFC ايوارڊ کي ٻيهر ڏسڻ ضروري ٿئي ته ان کي صوبي سطح تي فنانس ڪميشنز (PFCs) سان گڏ ڳنڍيو وڃي،